عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي

عبدالله ڪڇي: ناليوارو فنڪار عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هي ناليواري فنڪار استاد مٺو ڪڇيءَ جو ڀاڻيجو هو. عبدالله ڪڇيءَ جا ناناڻا، ڳائڻ وڄائڻ سان واسطو رکندا هئا. فن کيس ورثي ۾ مليو. ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. هو جيڪو ڪلام به ڳائيندو هو ان کي پاڻ ئي ڪمپوز ڪندو هو. هن کي شاهه سائينءَ سان عشق هو. اهو ئي سبب آهي ته هن شاهه کي گهڻو ڳايو. سندس مادري زبان ڪڇي هجڻ ڪري، شاهه کي ڳائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئس. تنهن ڪري وڏيءَ محنت سان اچار سکيائين. ڳائڻ ۾ سندس استاد ماسٽر محمد ابراهيم ۽ عبدالله پنهور هئا. هو انهن کان ۽ ساٿي فنڪار ماسٽر محمد اياز عليءَ ۽ ڪراچيءَ جي شاعر گوهر سروريءَ کان، شاهه سائينءَ جي ڪلام جو صحيح اچار سکندو هو. هو اسٽيج تي ڳائڻ کانسواءِ گرامو فون لاءِ به رڪارڊنگ ڪرائيندو هو. عبدالله ڪڇيءَ، ۱۹۶۶ع ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ پير پاتو. سندس پهرين رڪارڊنگ شاهه جو ڪلام ‘والي واري آڻ، ٻاروچا ڀنڀور ۾’ هو. عبدالله ڪڇي، سنڌيءَ کانسواءِ اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو. ريڊيي کان پوءِ هن پي ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو. اتي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. پي. ٽي. وي تي سندس پهريون ڪلام ‘گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نه ٽري’ رڪارڊ ٿيو ۽ سندس سڃاڻپ بڻيو. هن ٻن سنڌي فلمن؛ ڦل ماڇيءَ ۽ قربانيءَ لاءِ به نغما ڳايا. هن پنهنجي ملڪ جي مختلف شهرن کان سواءِ ڏيساور ۾ ڀارت، دبئيءَ ۽ مسقط ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. کيس سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران اوارڊ به ڏنو ويو.
سندس مشهور ڪلامن ۾: (1) ڪهڙو سڱ سياپو (شاهه لطيف)،(2) گلا ڪام ڪري (شاهه لطيف)، (3) اڄ ٿا ڪانگ لنون (شاهه لطيف)،(4) رات روئي ٿي رت ڦڙا (شاهه لطيف)، (5) ڪڪرن ڪيا رنگ ڪارا (صاحب ڏنو شاهه)، (6) ياد پون ٿيون (محمد جمن هالو)، (7) منهنجو مان سڄڻ توکي ساري (جمن هالو)، (8) کٽي يار بازي (جمن هالو)، (9) راڻل آيو رات (رحيم بخش قمر)، (10) مقدر مان مليو مونکي (نور محمد بالا) وغيره قابل ذڪر آهن. هن نامور فنڪاره گل بانو سان به گڏ ڳايو آهي.
عبدلله ڪڇيءَ 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ عبدالله ڪڇيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1998.05.08  عيسوي

عبدالله ڪڇي ولد فقير محمد 1940ع ڌاري ڪلري، لياري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 8 مئي 1998ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليفو لائق ڏنو
عبدالغفور سومرو
شادي فقير
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
اڪبر بروهي
سيد موٽڻ شاهه
طفيل نيازي
حسين بخش خادم
سچل فقير جتوئي
استاد ھدو خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون